ڇلگري، انتظار حسين

ڇلگري، انتظار حسين

انتظار حسين ڇلڳري

انتظار حسين ڇلڳري: اديب، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ، انتظار حسين ڇلگري جو اصل نالو ولي محمد ولد عبدالحليم ڇلگري آهي. سندس جنم 5 مارچ 1963ع تي ڳوٺ ڏيول، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي (1983ع) ۽ ايم ايڊ (1997ع) آهي. 1983ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 1984ع کان ڪئي. هن عبدالڪريم گدائيءَ جـي زنـدگــيءَ ۽ ان جـي علمي ادبي، صحافتي ۽ ثقافتي خدمتن تي مونوگراف لکي فرسٽ ڪلاس ۾ ايم اي پاس ڪئي. 1985ع ۽ 1993ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ جيڪب آباد جو سيڪريٽري رهيو. سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن، ادبي مخزنن ۽ مئگزين ۾ تعليم ۽ ادب تي سندس ليک ڇپجندا رهيا آهن. جڏهن ته 1990ع ۽ 1994ع ۾ پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشن، ضلعي جيڪب آباد جو صدر ۽ 1996ع ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو.1999 ۾ پھريون ڀيرو ۽ 2016ع کان 2019ع تائين ٻيو ڀيرو پ ٽ الف (آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن) جو مرڪزي صدر ٿي رهيو. 1994ع ۾ شھري اتحاد جيڪب آباد جو سيڪريٽري ۽ 1992ع ۾ مهراڻ سوشل ويلفيئر سوسائٽي جيڪب آباد جو جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ مختلف وقتن تي استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتالن ۽ بک هڙتالن سبب جيل ياترا به ڪئي. جنهن دوران حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد جي جيلن ۾ قيد رهيو. کيس علمي ادبي ۽ سماجي خدمتن جي عيوض ڪيترا اوارڊ به مليل آهن. پاڻ هڪ بھترين مقرر ۽ تعليمدان طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪيترن ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ تعليمي مسئلن تي شرڪت ڪندو رهيو آهي. سياسي طور قومي تحريڪ سان وابسته رهيو آهي، سنڌ جي قومپرست سياست ۾ پڻ عملي طور ڪافي عرصو متحرڪ رھيو آھي. جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ ترقي پسند محاذ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي عهدن تي پڻ رهي چڪو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.03.05  عيسوي

اديب، شاعر، سماج سڌارڪ ۽ استاد اڳواڻ، انتظار حسين ڇلگري ولد عبدالحليم جو جنم، 5 مارچ 1963ع تي ڳوٺ ڏيول، ضلعي جيڪب آباد ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تولا رام ٻالاڻي
انيس گل عباسي
خالد ٽالپر
پوپٽي هيراننداڻي
الياس سيتا پوري
چرنداس سهاڻي
امر جليل
ريٽا شهاڻي
رزاق سروهي
ڌاريجو علي مرتضيٰ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون